لاهور: (ويب ڊيسڪ) لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاران پي ٽي آءِ باني خلاف هتڪِ عزت جي دعويٰ تي ٻڌڻي ٿي، جتي عدالت وڪيل جي پي ٽي آءِ باني سان جيل ۾ ملاقات واري درخواست تي دليل طلب ڪري ورتا. ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني جي ايسوسي ايٽ وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سينيئر وڪيل ڪراچي جي هڪ عدالت ۾ مصروف آهي، ان ڪري جيل ۾ ملاقات واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وڃي. عدالت ايسوسي ايٽ وڪيل جي استدعا منظور ڪندي متفرق درخواست تي ڌرين کان 22 جولاءِ تائين دليل طلب ڪري ورتا. واضح رهي ته وزيراعظم شهباز شريف پي ٽي آءِ باني خلاف هتڪِ عزت جي دعويٰ دائر ڪري رکي آهي.










