تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف ايراني ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته ايران پاران جاري موجوده ملاقاتن جو مقصد ايم او يو (MOU) تحت ڪيل واعدن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ آهي.باقر قاليباف چيو ته مفاهمتي ياداشت ۾ طئي ٿيل شرطون پوريون ٿيڻ تائين ايران وڌيڪ ڳالهين ۾ شامل نه ٿيندو. هن چيو ته اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته ايران، آمريڪا ۽ لبناني اختيارين لبنان ۾ جنگ جي خاتمي جي نگراني لاءِ هڪ گڏيل ڪميٽي قائم ڪندا. باقر قاليباف ٻڌايو ته بحري ناڪابندي جي خاتمي کان وٺي ايران 40 ملين (4 ڪروڙ) بيرل کان وڌيڪ تيل برآمد ڪري چڪو آهي، ايران هرمز جي پٽي (آبنائي هرمز) ۾ پنهنجن حقن تي ڪڏهن به سوديبازي نه ڪندو. هن جو چوڻ هو ته مفاهمتي ياداشت موجب هرمز جي پٽي تان بغير ڪنهن خرچ جي گذرڻ جي اجازت صرف 60 ڏينهن لاءِ هوندي، هرمز جي پٽي تي خودمختياري ايران ۽ عمان جي آهي، آبي گذرگاهه ۾ بحري آمدورفت انهن ئي انتظامن موجب ٿيندي جيڪي ايران مقرر ڪندو. ايراني اسپيڪر باقر قاليباف چيو ته اسان خليج جي ساحلي ملڪن سان گڏيل مشاورت ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، جيڪڏهن آمريڪا ايران کي تيل وڪڻڻ کان روڪڻ جو ارادو رکي ٿو ته پوءِ ڪو به تيل مان فائدو حاصل ڪري نه سگهندو. هن چيو ته اسان هاڻي پنهنجو تيل اڳي جي ڀيٽ ۾ 20 سيڪڙو وڌيڪ قيمت تي وڪڻي رهيا آهيون.
بغداد ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز، آمريڪي سفارتخاني کي ڊرون سان نشانو بڻائڻ جا اطلاع
روسي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته عراق جي گاديءَ واري هندڌن، بغداد ۾ زوردار ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا آهن. روسي ميڊيا موجب، بغداد ۾ واقع آمريڪي سفارتخاني کي ڊرون سان نشانو بڻائڻ جا اطلاع آهن. روسي ميڊيا جو چوڻ آهي ته اڃا اهو واضح ناهي ته ڊرون حملي سان عمارت کي نقصان پهتو آهي يا نه.
آمريڪي نمائندا اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر دوحه پهچي ويا، ايراني وفد سان ملاقات شيڊول ناهي
آمريڪي نمائندا اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر دوحه پهچي ويا آهن پر ايراني وفد سان سندن ملاقات شيڊول ۾ ناهي. قطري پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته آمريڪي پڌريون (ايلچي) ثالثن سان ملاقات ڪندا، جنهن ۾ ڳالهين دوران ٿيندڙ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ايراني پرڏيهي وزارت به ايراني وفد جي دوحه وڃڻ جي تصديق ڪئي آهي پر آمريڪي اختيارين سان ملاقات جي ترديد ڪئي آهي.










