شرجيل ڪيس ۾ نيب جي جاچ آفيسر کي شوڪاز جاري

ڪراچي (شهزادو مستوئي) احتساب عدالت شرجيل ميمڻ جي ساٿي مفرور جوابدارن بابت رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي نيب جي جاچ آفيسر کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.  2 ارب 27 ڪروڙ رپين جا غير قانوني اثاثه ٺاهڻ جي ڪيس بابت ٻڌڻي دوران ڇنڇر تي عدالت اهڙو حڪم جاري ڪندي وڌيڪ ڪاروائي 4 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ڄاڻايل ريفرنس ۾ شرجيل ميمڻ، سندس گهرواري ۽ ماءُ پاران هاءِ ڪورٽ مان  گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائي ورتي آهي. نيب پاران شرجيل ميمڻ، سندس گهرواري صدف شرجيل،  والده زينت انعام ميمڻ، ذيشان، اظهار حسين، محمد سهيل، سيف الله لوهار، آغا حسن، شوڪت علي ٿيٻو، ڪامران گل ۽ وسيم اختر ٿيٻو خلاف ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ شرجيل ميمڻ کي مک جوابدار قرار ڏيندي چيو آهي ته ان پنهنجي والده، گهرواري، پٽ ۽ ٻين جي نالن تي  2 ارب 27 ڪروڙ 9 لک رپين جو ملڪيتون ٺاهيون جيڪي سندس جائز آمدني مان ممڪن نه هيون. ياد رهي ته شرجيل انعام ميمڻ ۽ ٻين خلاف پوڻا 6 ارب رپيا ڪرپشن جو ريفرنس اڳ ئي ٻڌڻي هيٺ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو