ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ترڪيه ۾ زلزلي سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. صوبائي وزير اطلاعات پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ترڪيه جي عوام لاءِ دعائن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي تہ هن مشڪل گهڙي ۾ ترڪيه جي عوام سان گڏ بيٺل آهيون. هن چيو ته وڏي پيماني تي ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي کين دلي ڏک ۽ افسوس ٿيو آهيصوبائي وزير قدرتي آفت ۾ فوت ٿي ويلن جي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ زخمين جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي آهي.










