انقره (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ ،ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ انقرہ ۾ ترڪي جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير Salin Dursun سان ملاقات ڪئي ۽ ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ ترڪي جي ڪاميابين کي ساراهيو.ان موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ ترڪي جي نائب وزير سان ڳالھائيندي ترڪي جي ڪمپنين کي پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ پنهنجا ٽرانسپورٽ گاڏين جا مينيوفيڪچرنگ پلانٽ لڳائڻ جي دعوت ڏني.صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ معاهدن تحت ترڪ سيڙپڪارن کي سهولتون ۽ سبسڊي ڏيڻ لاءِ به تيار آهي.صوبائي وزير ترڪي جي ٽرانسپورٽ واري نائب وزير کي گذارش ڪئي ته ترڪي جي بسن ۽ ماس ٽرانزٽ گاڏين جا تفصيل ۽ ڊيزائن بابت ڄاڻ ڏني وڃي.شرجيل انعام ميمڻ ترڪ ماهرن کي سنڌ جو دورو ڪرڻ جي به دعوت ڏني ته جيئن معاملي تي اڳڀرائي ٿي سگهي.










