ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ، حمزه شهباز کي وزيراعليٰ پنجاب جو حلف کڻڻ تي واڌايون ڏنيون . پنھنجي جاري بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف، ن ليگ جي قيادت ۽ ڪاڪنن کي پنجاب ۾ جمهوري عمل مڪمل ٿيڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران نيازي جمهوريت جي رستي ۾ جيتريون به رڪاوٽون وجهي جمهوري عمل کي روڪي نه ٿو سگهي. نيازي ۽ سندس ساٿين ملڪ ۾ بحران ۽ انتشار ڦهلائڻ ۾ سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن. هن چيو ته اهي ماڻهو پاڻ کي قانون، آئين ۽ اخلاقيات کان مٿانهون سمجهن ٿا . آئين کي ڪاغذ جو ٽڪرو ۽ اعليٰ عدالتن جي فيصلن کي اهميت ئي نه ٿا ڏين. اطلاعات کاتي واري صوبائي وزير شرجيل انعام چيو ته افسوس آهي ته پارليامينٽ جا فيصلا عدالتن کي ڪرڻا پئجي رهيا آهن. هن چيو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي انھن ماڻهن خلاف لاڳاپيل شق موجب ڪيس درج ٿيڻ گهرجن.










