شرجيل صاحب الزامن جي سياست مان نڪري اچو: عظميٰ

شرجيل صاحب الزامن جي سياست مان نڪري اچو: عظميٰ

لاھور (ويب ڊيسڪ)ن ليگ اڳواڻ عظميٰ بخاري چيو آهي ته مريم نواز پنهنجي صوبي جي فنڊ مان پنجاب جي عوام کي بجلي جي بلن ۾ رليف ڏنو آهي.لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پنجاب جي سڌ سماءَ واري وزير عظميٰ بخاري شرجيل ميمڻ جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو ته ڀاءُ اوهان کي يقين ڇو نه پيو اچي ته سنڌ ۾ 16 سالن کان اوهان جي حڪومت آهي؟ مريم نواز جي نه، الزام تراشي جي سياست مان نڪرو، مهرباني ڪري اڳتي وڌو.هنن جو چوڻ آهي ته پنجاب ۾ مريم نواز جي حڪومت آهي، ظاهر آهي هوءَ هتي جي عوام کي رليف ڏئي سگهي ٿي، جيڪڏهن سنڌ ۾ ن ليگ جي حڪومت هجي ها ته اڄ مريم نواز سنڌ جي عوام کي به اهو رليف ڏئي ها.هن شرجيل ميمڻ کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته توهان جي قيادت کي به خبر آهي ته وفاقي حڪومت بجلي جا اگهه ڇو وڌائي ڇڏيا آهن، تنقيد ۽ الزام تراشي جي سياست مان نڪري وڃو، جيڪڏهن توهان کي خدمت ڪرڻ جو موقعو مليو ته عوام جي خدمت ڪريو .ن ليگ اڳواڻ جو چوڻ آهي ته عظميٰ بخاري چوي ٿي ته مريم نواز پنجاب جي خدمت ڪندي، کيس ڪير به روڪي نٿو سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو