شرجيل جو آرڪائيو ۾ لڳل نمائش جو دورو

شرجيل جو آرڪائيو ۾ لڳل نمائش جو دورو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ آرڪائيوز ڪامپليڪس ڪلفٽن ڪراچي ۾ جاري آرڪيالوجي کاتي جي نمائش جو دورو ڪيو. اُن موقعي تي شرجيل انعام ميمڻ آرڪائيوز ۾ رکيل قديم ڪتابن، اخبارن ۽ رسالن جو جائزو ورتو ، نمائش کي ساراھيو ۽ بھترين نمائش تي وڏي وزير جي آرڪيالوجي بابت خاص مددگار طارق حسن کي مبارڪون ڏنيون. اُن موقعي تي ڳالھائيندي شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ اسان جي نوجوان نسل کي اھڙن نمائشن ۾ لازمي طور تي شرڪت ڪرڻ گھرجي، نوجوان نسل کي پنھنجن وڏڙن جي ڪاوشن کي سمجھڻ جي ضرورت آھي. ھن چيو تھ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي شاگردن جي شرڪت يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.ھن وڌيڪ چيو تھ سنڌ حڪومت جي ڪوشش ھوندي تھ نصاب م آرڪيالوجي جو مضمون شامل ڪيو وڃي تھ جيئن نئين نسل کي ماضي جي بھتر آگاھي ملي سگھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو