دادو (ادل مهيسر) سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو طرفان نامياري شاعره شبانه نواز پنهور جي ڪتاب وفائون ماٺ ٿي ويون جي مهورت تقريب لطيف ليبر هال ۾ ٿي گذري. تقريب جي صدارت نامياري اديب سنگت جي مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙو ڪئي مهمان خاص مير حاجن مير ، ليکڪا شبانه نواز پنهور، خليل عارف سومرو، گل بهار باغائي، مرتضي لغاري ۽ رجب آزاد هيا. صدارتي خطاب ۾ آزاد انور چيو ته شبانه نواز موجوه دور جي حالتن تي گهري نظر رکي شاعري ڪئي آهن. مير حاجن مير چيو ته شبانه سنڌ جي سڄاڻ شاعره آهي. گلبهار باغائي چيو ته اسان کي فخر آهي جن سنڌ جي نياڻي تي جنهن پنهنجي قلم جي جوت جلائي رکي آهي. مرتضي لغاري چيو ته شبانه حق ۽ سچ جي شاعري ڪئي ۽ ڏاڍي بيباڪ انداز ۾ سنڌ جو ڪيس وڙهيو آهي. رجب آزاد چيو ته شبانه نواز جي شاعري ۾ فطرت، رومانس ۽ قوميت جا جذبا پسي سگهجن ٿا. جن کي پڙهي ماڻھو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. خليل عارف چيو ته شبانه نواز جي شاعري ۾ اهي سموريون خوبيون موجود آهن. عاشق دادوي چيو ته شبانه جيڪو به ڪجهه لکيو آهي من جي سچائي سان لکيو آهي. مارو جمالي چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ کي جس هجي جو هنن هڪ بهترين ليکڪا کي مانُ ڏنو شبانه واقع به بهترين لکيو آهي. تابش بخاري ،ادل مهيسر، سجاد يوسف، شير ڀرڳڙي ،نور محمد سومرو، مير چند اوڏ ،اميد سنڌي سومرو ،نظير نياز الاهي ابڙو، نصرالله پنهور، لالا عبدالستار ۽ ادبي سماجي سياسي صحافي وڪيل برادري به شرڪت ڪئي. شبانه نواز پنهنجي تقرير ۾ سنڌي ادبي سنگت جا ٿوارا مڃندي چيو ته مون کي بيحد خوشي ٿي آهي ته منهنجن ادب دوست ڀائرن سنڌ ليول جو پروگرم ڪري مون کي منُ ۽ عزت بخشي. سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت شاخ دادو ملڪ وحيد چيو ته سنڌي ادبي سنگت دادو هڪ متحرڪ شاخ آهي جيڪا پنهنجن اديبن سان رهاڻيون ۽ پروگرام ڪندي رهي ٿي ۽ دوستن کي مانُ ڏيڻ ۾ سدائين اڳڀري رهي آهي.










