شاھو واھ ۾ پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن احتجاج

سانگھڙ(ڊر)جھول جي آبپاشي آفيس اڳيان شاھو واھ ۾ پاڻيءَ جي کوٽ خلاف آبادگارن جو ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهروڪيو.  جھول آبپاشي سب ڊويزن جي مين ڪينال شاھو واھ تي غير قانوني وارا بندي منڊ جي واٽر ڪورسن کي ماپ کان مٿي پاڻي ڏيڻ ۽ شاھو واھ جي پوچڙي ٽيل مائنر ۾ پاڻي نه پھچڻ تي آبپاشي سب ڊويزن جھول جي آفيسرن خلاف پوچڙي جي سوين آبادگارن الاھي بخش مڪراني،الھداد کوسو خان چانڊيو در محمد مڪراني ، محسن لسڪاڻي اڪبر مڪراني جي اڳواڻي ۾ جھول ۾ آبپاشي  آفيس اڳيان نھٽڻ اس ۾ جھول وايا حيدرآباد سانگھڙ روڊ بند ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنھن سان روڊ جي ٻنھي پاسن کان ڪيتريون گاڏيون بيھجي ويون انھي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي مٿين آبادگارن چيو تہ جھول آبپاشي سب ڊويزن جا آفيسر وڏا ڪرپٽ آھن جيڪي منڊ جي آبادگارن کان لکين روپيا رشوت وٺي سندن حصو جو پاڻي کين وڪرو ڪري ڇڏين ٿا منڊ جا واٽر ڪورس پئسا وٺي ھٿ سان ٽوڙايو چڏين تنھن ڪري سندن شاخ ٽيل مائنر ۾ پاڻي پھچي نه سگھيو آهي پاڻي نه ھئڻ ڪري ھو خريف جو فصل پوکي نه سگھيا آهن ساڻن وڏو ظلم آهي آفيسر سندنت حصي جو پاڻي وڪڻڻ سان گڏ غير قانوني وارا بندي ڪرائي کين تباھ ڪري رھيا آھن ساڻن انصاف نه ٿيو پاڻي نه مليو ته پاڻ کي باھيون ڏئي ساڙيندا آبادگارن جي احتجاجي مظاهري دوران جھول پوليس ڌرڻي واري هنڌ پھچي آبپاشي کاتي جي آفيسرن کي سڏائي آبادگارن سان ڳالھيون ڪرايون آفيسرن پاران ٻن ڏينھن اندر آبادگارن کي پاڻي پھچائڻ واري وعدي تي آبادگارن جو احتجاج ختم ڪرايو ،ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي انچارج ايس ڊي او آبپاشي جھول سب ڊويزن اوورسيئر ظھير ميمڻ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جھول آبپاشي سب ڊويزن ۾ سياسي توڙي وڏن زميندارن  سان گڏ آبپاشي يونين جي مداخلت گھڻي ھئڻ ڪري ھٿ ڪو بہ ايس ڊي او اچڻ لاء تيار ڪونھي  يونين وارا مداخلت ڪري سندي مرضي جا داروغا رکرائيندا آهن جيڪي ڪرپشن ڪن ٿا بالا آفيسر کين روڪڻ  ۾ ناڪام رھيا آھن تنھن ڪري ھو مجبور آهن اڄوڪي احتجاج بابت ھو بالا آفيسرن کي رپورٽ پيش ڪندا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو