شاگردن کي فيس ٻن سالن لاءِ معاف ڪري ڪتابن جو خرچ ڏنو وڃي: اسٽوڊنٽ تحريڪ

شاگردن کي فيس ٻن سالن لاءِ معاف ڪري ڪتابن جو خرچ ڏنو وڃي: اسٽوڊنٽ تحريڪ

ٽنڊوباگو (ن س)سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن کي فيس ٻن سالن لاء معاف ڪري ڪتابن جو خرچ ڏنو وڃي ۽ انڪم سپورٽ جي پئسن ڏيڻ جو طريقه ڪار بهتر ڪري عورتن جي تذليل بند ڪريو۔ ايس جي ايس ٽي اڳواڻ ساجده پرهياڙ ۽ ڪونج لاشاري. خبر موجب سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ ۽ ڪونج لاشاري ضلع بدين جي تنظيمي دوري دوران ٽنڊو باگو ۽ ڏيئي شهر ۾ عورتن جي ميڙاڪن ۾ شريڪ ٿيون جتي هنن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ هن وقت تمام وڏين مصيبتن جي گهيري ۾ آهي هڪ پاسي ڀوتارن هٿرادو ٻوڏ آڻي سنڌ کي ٻوڙيو آهي ته ٻي پاسي ٻاهرين ماڻهن کي سنڌ ۾ تمام وڏي تعداد ۾ آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ آندو پيو وڃي ۽ ٻوڏ متاثرن لاء ٻاهران آيل امداد به هڙپ ڪئي پئي وڃي جنهن مان ڀوتارن جي قومي غداري جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو۔ هنن گهر ڪئي آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن کي سموريون فيس ٻن سالن لاء معاف ڪري ڪتابن سميت پڙهائي جا ٻيا خرچ به سرڪار مهيا ڪري ڏي ۽ انڪم سپورٽ جي پئيسن ڏيڻ کي آسان ڪري عورتن جي تذليل ڪرڻ بند ڪئي وڃي ۽ ٻوڏ وارن علائقن جي عورتن کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاء ننڍا ننڍا ڪاروبار ڪرڻ لاء روڪ امداد ڏني وڃي انهي موقعي تي سڀني ميڙاڪن ۾ آيل تعليم يافته شاگردياڻين سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ ۾ شموليت جو اعلان ڪيو ۽ قومي عوامي طبقاتي جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو وچن ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو