شاگردن جو ڪوڙن ڊوميسائلن خلاف احتجاجي مظاهرو

شاگردن جو ڪوڙن ڊوميسائلن خلاف احتجاجي مظاهرو

شهدادپور(ن سنڌيار) شھدادپور ۾ سپيريئر  ڪاليج جي شاگردن پاران پرنسپل علي ٻگهيو ۽ عنايت علي بروهي جي اڳواڻي ۾ شاگردن سان گڏجي شھدادپور پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.احتجاج ڪندڙن چيو ته جعلي ڊوميسائلن ذريعي اسان جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي، جعلي ڊوميسائل ٺاهي پنجاب جي شاگردن کي داخلائون ڏئي هتان جي نوجوانن سان زيادتي ڪئي پئي وڃي.هنن چيو ته هڪ ته ڪوٽا گهٽ ٻيو مٿان اسان سان جعلسازي ذريعي ناانصافي ڪئي پئي وڃي، هنن جعلي ڊوميسائل ٺاھڻ  ۾ ملوث ڪامورن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف جي گهر ڪئي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو