شاهين آفريدي 4 بالن تي 4 وڪيٽ، نئون رڪارڊ

سائوٿمپٽن(ويب ديسڪ) پاڪستاني بالر شاهين آفريدي ڪرڪٽ جي دنيا ۾ نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي ۽ ٽي ٽوئنٽي ۾ 4 بالن تي 4 وڪيٽون وٺڻ وارو پاڪستان جو پهريون بالر بڻجي ويو آهي. ڪائونٽي ميچ ۾ مڊل سڪس خلاف همپشائر جي نمائندگي ڪندي هن 4 اوورز ۾ 19 رنز ڏئي 6 وڪيٽون ورتيون. سريلنڪا جي ملنگا اڳ ۾ نيوزيلينڊ خلاف اهو رڪارڊ ٻه ڀيرا قائم ڪيو هو. جيڪو هڪ ورلڊ رڪارڊ آهي ته ڪنهن بالر ٻه ڀيرا چار بالن تي چار وڪيٽون ورتيون هجن. نيوزيلينڊ خلاف ان سيريز ۾ ملنگا تي ان فٽ هئڻ جي تنقيد ڪئي وئي هئي پر سندس شاندار ڪارڪدگي مٿس تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو