سکر (جئيرام داس )مسلم ليگ (ن) ڪي پي ڪي جي صدر امير مقام نيب ڪيس ۾ قيد پي پي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه سان عيادت بعد پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شاهه صاحب سان 15 سال پارلياماني رشتو رهيو آهي،خورشيد شاهه جوڙڻ وارو ماڻهو آهي ملڪ جي بهتري لاءِ پارليامينٽ ۾ گڏجي ڪردار ادا ڪيو، افسوس آهي ته عمران خان انتقامي ڪاروائي ڪندي کيس ڪوڙي ڪيس ۾ قيد ڪيو آهي. ھن چيو ته اها زيادتي خورشيد شاهه سان نه پر پارليامينٽ سان زيادتي آهي۔ مان سمجهان ٿو ته خورشيد شاهه کي نه پر عمران خان مفاهمت واري پاليسي کي قيد ڪيو آهي۔ خورشيد شاهه مٿان ڪجهه به ثابت ناهي ٿيو پر کيس قيد ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڏوهه ثابت ٿئي ته ڀلي کيس سزا ڏني وڃي بنا ڏوهه ثابت ٿيڻ جي خورشيد شاهه جي قيد هجڻ جي مذمت ڪريون ٿا، امير مقام چيو ته ملڪ ۽ عوام لاءِ ڪم ڪندڙن کي عمران خان قيد ڪيو آهي۔ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي به قيد ڪيو ويو آهي۔ نيازي صاحب احتساب جي ڳالهه ٿو ڪري ته فارين فنڊنگ ڪيس کوليو وڃي خبر پئجي ويندي ته فنڊنگ ڪٿان آيو آهي۔پاڻ چور آهي ۽ ٻين خلاف ڪاروايون پيو ڪري۔ سندس ڀيڻ ۽ پنهنجو فارين فنڊنگ ڪيس کولي، چيني چورن مٿان اربين روپيا ثابت ٿيا اهي آزاد آهن ، ھن چيو ته اٽي چور ۽ دوائن جا چور به آزاد گهمي رهيا آهن۔ زميني حقيقت ان جي ابتڙ آهي پئسا انهن جي کيسي ۾ هليا ويا۔ عمران خان پنهنجا کيسا ڀرڻ لاء ترقياتي ڪم ڪرايو۔بدترين مهانگائي، ڪرپشن ۽ احتساب جي نالي تي مخالفن خلاف ڪاروايون ڪيون پيون وڃن۔عمران خان کي گهر موڪلڻ تائين جدوجهد جاري رهندي۔ هڪ سوال تي هن چيو ته سمورن چونڊيل نمائندن استعيفائون جمع ڪرايون آهن۔ شيخ رشيد نجومي آهي۔ انهن جي ڳالهين تي ڇا ڳالهائجي ،حڪومت آهي ئي نه مهانگائي بيروزگاري کي به سنجيده نٿي وٺي ته پي ڊي ايم کي ڪيئن وٺندي۔ پي ڊي ايم متحد، متفق آهي۔ نئين چونڊن ۽ عمران خان جي نيڪالي جو هڪ ئي ايجنڊا آهي ، هن چيو ته ننڍي چونڊون ۾ حصو ورتو ويندو.










