لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي کي اڊيالا جيل مان لاهور منتقل ڪيو ويو.جيل ذريعن موجب شاهه محمود قريشي کي پيشي لاءِ اي ٽي سي لاهور منتقل ڪيو ويو آهي.لاهور ۾ شاهه محمود قريشي خلاف 9 مئي سانحي بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي رهي آهي.شاهه محمود قريشي کي اي ٽي سي ۾ پيش ٿيڻ بعد واپس اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويندو.










