اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي 3 ايم پي او تحت گرفتاري کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب لکت ۾ حڪم جاري ڪيو.شاهه محمود قريشي جي حلف نامي کي به لکت واري فيصلي جو حصو بڻايو ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي هڪ بيان ۾ 9 مئي جي واقعن جي مذمت ڪئي.هن اشتعال انگيزيءَ جو حصو نه بڻجڻ جو حلف نامو ڏنو آهي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته جيڪڏهن حلف نامي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ته توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي ويندي.عدالت چيو ته شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم غير قانوني آهن.










