راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن شاهه محمود قريشي، جمشيد چيما ۽ مسرت چيما کي 15 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي.شاهه محمود قريشي، جمشيد چيما ۽ مسرت چيما کي 3 ايم پي او تحت اڊيالا جيل ۾ نظربند ڪيو ويو آهي.ڊي سي راولپنڊي حسن وقار چيما پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گرفتاري جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا.










