شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم

شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم

سکر(جئيرام داس ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ شاهه عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور جا اڪائونٽ سيل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي انتظامي عملدارن کي 24 ڊسمبر تي طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ۽ جسٽس رشيد احمد سومرو تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي رٽائرڊ ملازم اسد علي جوڻيجو جي پينشن ۽ مراعتون نه ملڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي عدالتي حڪم باوجود شاهه عبدالطيف يونيورسٽي  جو ڪو به عملدار پيش نه ٿيو جنهن تي عدالت مٿن ناراضگي جو اظهار ڪندي شاهه عبدالطيف يونيورسٽي جا اڪائونٽ سيل ڪندي يونيورسٽي جي انتظامي عملدارن کي 24 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو  آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو