شاهه رخ خان جي پٽ سان جيل ۾ پهرين ملاقات

ممبئي(ويب ڊيسڪ) منشيات ڪيس ۾ قيد آريان خان سان سندس والد پهريون ڀيرو ممبئي جي آرٿر روڊ جيل ۾ ملاقات ڪئي آهي. آريان خان جي ضمانت ممبئي جي خصوصي عدالت گذريل ڏينهن رد ڪئي هئي جنهن بعد سندس وڪيل هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي جنهن جي ٻڌڻي 26 آڪٽوبر تي ٿيندي. شاهه رخ خان جي پٽ آريان سان ملاقات جي ويڊيو وائرل ٿي آهي ۽ سوشل ميڊيا تي ان جو چرچو آهي. ياد رهي ته آريان گذريل 18 ڏينهن کان جيل ۾ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو