ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فلم انڊسٽري جي بادشاهه شاهه رخ خان جي پٽ ابرام خان جي نئين وڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ٿيندي ئي وائرل ٿي وئي آهي.ياد رهي ته شاهه رخ خان کي 3 ٻار آهن، سهانا، آرين خان ۽ ابرام خان، جن مان ٻه وڏا ٻار ڏينهون ڏينهن ميڊيا جي توجه جو مرڪز بڻيل آهن، پر ابرام خان تمام گهٽ نظر ايندو آهي.شاهه رخ خان ۽ سندس زال گوري خان پنهنجي ننڍي پٽ 9 سالن جي ابرام خان کي ميڊيا کان پري رکڻ پسند ڪندا آهن.اهو ئي سبب آهي ته گذريل ڏينهن گهر کان ٻاهر نظر آيل ابرام خان جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي توجهه حاصل ڪري رهي آهي.










