ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر شاهنواز ڏاهاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سوشل ميڊيا تي ماڻهن جو ڌيان ڇڪايو آهي.انگلينڊ خلاف ٻئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ بابر اعظم ۽ محمد رضوان جي ڊبل سينچري پارٽنرشپ کي سڄي دنيا جي ڪرڪيٽرن ۽ مداحن طرفان پسند ڪيو ويو، جڏهن ته شاهنواز ڏاهاڻي به تمام گهڻو ڌيان ڇڪايو.ميچ ۾ انگلينڊ جي ٻن رانديگرن کي بالنگ ڪرڻ تي شاهنواز ڏاهاڻي جي خوشي جو اظهار ڪندي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي ۽ مختلف اڪائونٽس تي لکين ڀيرا ڏٺو ويو.هن ميچ ۾ شاهنواز ڏاهاڻي 4 اوورن ۾ 37 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. ميچ ۾ پاڪستان انگلينڊ کي 10 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.ان کان اڳ شاهنواز ڏاهاڻي نسيم شاهه سان گڏ هڪ وڊيو به ٺاهي هئي جنهن کي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو هو.










