شاهد خاقان پاران ٻيهر نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو

شاهد خاقان پاران ٻيهر نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي هڪ ڀيرو ٻيهر نيب کي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.اسلام آباد جي احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته احتساب جو نالي ماتر عمل هلي رهيو آهي، اهو عمل رڳو سياستدانن کي بدنام ڪرڻ آهي.هن چيو ته مان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ملڪ جي بقا لاءِ نيب جو ادارو ختم ڪيو وڃي، مان ڪيترن ئي سالن کان هتي اچي رهيو آهيان ۽ 70 پيشيون به ڪري چڪو آهيان.اڳوڻي وزيراعظم چيو ته نيب اسان تي ڪرپشن جو الزام ناهي لڳايو، اسان جو مجرم نيب جو چيئرمين آهي، اسان کي ان کان حساب وٺڻو آهي، هاڻي اعتراف جو وقت آهي، جاويد اقبال کي به اعتراف ڪرڻ گهرجي، جيترو نقصان جاويد جو ٿيو آهي. اقبال ۽ نيب هن ملڪ کي پهچائي ڇڏيو آهي ڪنهن ٻئي نه ڏني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو