اسلام آباد(بيورو)اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي خلاف ايل اين جي ريفرنس ۾ مبينا ٽمپرنگ جو انڪشاف ٿيو آهي.نيب جي شاهد ناصر بشير پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ڪڏهن به شاهد خاقان عباسي خلاف بيان ناهي ڏنو.شاهد جو وڌيڪ چوڻ آهي ته نيب جي جاچ آفيسر ملڪ زبير پنهنجي طرفان شاهد خاقان عباسي جو نالو لکيو.ايل اين جي ريفرنس جي شاهد ناصر بشير احتساب عدالت ۾ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرايو.










