اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا. اسلام آباد جي احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ شاهد خاقان عباسي جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هيا، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد ڪيس ۾ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل نه ڪرڻ تي وارنٽ جاري ڪيا، عدالت شريڪ جوابدار عظميٰ عادل جا به ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. احتساب عدالت ايل اين جي ڪيس ۾ شاهد خاقان عباسي کي اڄ طلب ڪيو هو، پر سندس طرفان سندس وڪيل عدالت ۾ پيش نه ٿيو. بعد ۾ شاهد خاقان عباسي جي وڪيل ظفرالله احتساب عدالت ۾ ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ رد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي، جنهن کي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد منظور ڪري ورتو.عدالت اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ عظميٰ عادل جا گرفتاري وارنٽ رد ڪري ڇڏيا.










