ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ميرا ساٿي فنڪار شان شاهد کي ڀارتي سپر اسٽار شاهه رخ خان کان بهتر ۽ وڏو فنڪار قرار ڏنو آهي.
اداڪاره ميرا، جيڪا پنهنجي ڪامياب فلمن احساس، ڪمانڊو، کلون، گهر ڪڏهن آو گي، نيتي ۽ چيف صاحب ۽ ٻين منصوبن لاءِ مشهور آهي، هڪ ڀيرو ٻيهر سرخين ۾ اچي وئي آهي.
ميرا جال پنهنجي نئين فيچر فلم سائيڪو سان وڏي اسڪرين تي واپس اچي رهي آهي، جيڪا عيد الاضحيٰ تي رليز ٿيڻ جي اميد آهي. هوءَ اڳ ۾ فلم باجي ۾ نظر آئي هئي، جيڪا باڪس آفيس تي ڪامياب ثابت ٿي










