شام ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

شام ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا، ڪيترائي زخمي

دمشق (ويب ڊيسڪ) شام ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري خلاف مظاهرن دوران 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. عالمي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب شام ۾ ڪيترن ئي سالن کان جاري خانه جنگي، معاشي بدحالي ۽ بيروزگاري عوام ۾ بيچيني پيدا ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ احتجاج روز جو معمول بڻجي ويو آهي.شام جي شهر السويداءِ ۾ اهڙي ئي احتجاج دوران مظاهرين هڪ سرڪاري عمارت تي حملو ڪري ڏنو ۽ اتي لڳل شام جي صدر بشارالاسد جي تصوير کي لاهي اڇلائي ڇڏيو.سرڪاري عمارتن ۾ زبردستي داخل ٿيندڙ مظاهرين مٿان سيڪيورٽي فورسز فائرنگ شروع ڪري ڏني، چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ 2 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. مارجي ويلن ۾ هڪ پوليس اهلڪار به شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو