اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير ۽ بي آءِ ايس پي جي چيئرپرسن شازيه مري ترڪ سفارتخاني جو دورو ڪيو.شازيه مري ترڪي جي سفير سان ملاقات ڪري زلزلي ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.شازيه مري زلزلي ۾ فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.هن ترڪي جي سفارتخاني ۾ هڪ يادگار ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا.ڏک جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پنهنجي ترڪي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي.










