ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي شارع فيصل تي نرسري ڀرسان 16 ماڙ عمارت کي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي، گورنر سنڌ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.اختيارين موجب عمارت جي باهه تي 12 کان وڌيڪ فائر ٽينڊر، 2 اسنارڪل، 2 واٽر باؤزر ۽ ڪيترائي واٽر ٽينڪرز جي مدد سان ڪنٽرول ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ هڪ شخص زخمي ٿي پيو.پورٽ وي ٽريڊ سينٽر نالي 16 ماڙ عمارت جا شعلا پري کان ڏٺا ويا. فائر برگيڊ اهلڪارن ان کي ٽئين درجي جي باهه قرار ڏنو، باهه تي ضابطو آڻڻ لاءِ سڄي شهر مان فائر ٽينڊرز طلب ڪيا ويا. چيف فائر آفيسر اشتياق احمد موجب، اڪثر آفيسون ڪمرشل عمارت ۾ واقع هيون. گورنر سنڌ واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ چيو ته باهه حادثو آهي يا سازش، واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي.اسسٽنٽ ڪمشنر فيروز آباد ڪراچي عمائمه سولنگي چيو ته عمارت خالي هئي جنهن سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، غير قانوني سائن بورڊن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.واضح رهي ته باهه رات 10:10 وڳي لڳي، باهه جو اطلاع ملندي ئي فائر ٽينڊر واقعي واري هنڌ پهتو.فائر برگيڊ سان گڏ پاڪستان نيوي جي فائر ٽينڊرز به باهه وسائڻ جي عمل ۾ حصو ورتو.ٻئي طرف شارع فيصل کان ايئرپورٽ ويندڙ ٽريڪ تي ڪجهه دير لاءِ ٽريفڪ بند ڪئي وئي پر باهه تي ضابطو آڻڻ بعد ٽريڪ کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويو.پوليس ۽ رينجرز جي ٽيم به واقعي واري هنڌ پهچي وئي، اهلڪارن جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب عمارت ڀرسان هڪ پيٽرول پمپ کي به بند ڪيو ويو.










