شادي جي سالگره ، نمل حمزه سان وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

شادي جي سالگره ، نمل حمزه سان وڊيو شيئر ڪري ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ڊراما انڊسٽري جي مشهور اداڪار حمزا علي عباسي جي گهرواري ۽ اڳوڻي اداڪارا نمل خاور عباسي پنهنجي شادي جي سالگرهه تي دلڪش وڊيو شيئر ڪئي آهي.نمل خاور عباسي اها وڊيو فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي شيئر ڪئي ۽ ڪيپشن ۾ چيو ته اڄ سندن شادي کي ٽي سال ٿي ويا آهن.هن طرفان شيئر ڪيل وڊيو ۾ هن ٽن سالن جي گذريل لمحن کي هڪ وڊيو ۾ سمائي ڇڏيو آهي.وڊيو ۾ جوڙو شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي رهيو آهي، جنهن کانپوءِ مختلف هنڌن جي سير ۽ نوجوان پٽ مصطفيٰ عباسي کي به ڏيکاريو ويو آهي.لکين صارفين نمل خاور جي وڊيو ڏسي چڪا آهن ۽ کيس شادي جي سالگره جون مبارڪون ڏئي رهيا آهن. اڳوڻي اداڪارا سوشل ميڊيا تي ڪافي سرگرم رهي ٿي، اڪثر پنهنجي پٽ ۽ مڙس سان گڏ تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪندي رهندي آهي، جنهن کي سندس مداحن طرفان ڀرپور موٽ ملي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو