شادي جو ڏٽُو ڏيندڙ گهوٽ کي ناري جو ڪُٽڪو

شادي جو ڏٽُو ڏيندڙ گهوٽ کي ناري جو ڪُٽڪو

نوابشاهه (ن سنڌيار) مون کي شادي جو ڏٽو ڏئي وري ٻئي هنڌ شادي ٿو ڪرين! نواب شاهه ۾ گهوٽ تي مبينا طور ناري جو حملو، نياز مهر منهنجو استاد آهي، شادي جو ڏٽو ڏئي مون سان لاڳاپا رکيائين ، ناري جون ميڊيا سان ڳالهيون، نياز تي حملو ناهي ڪيو، شادي تقريب دوران ساڻس ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته تشدد ڪيو ويو، ٻي شادي ڪرڻ تي گھوٽ تي چاھيندڙ ناري ناھيد جو حملو،  ڇرين جا وار ڪري نياز مھر کي زخمي ڪيو ويو، چڪ نمبر 6 اوڀاري ساوڙي تعلقه دوڙ جي رھواسي نوجوان نياز حسين مھر پاران شادي ڪرڻ تان چاھيندڙ ناري  مٿس حملو ڪري ڇرين جا وار ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، زخمي کي  اسپتال آندو ويو، بي سيڪشن پوليس جي مطابق نياز مھر ناھيد سان پيار ڪندو ھيو پر شادي وري ٻئي هنڌ ڪري رھيو ھو جنھن تي چاهيندڙ ناري  برداشت نه ڪري حملو ڪري ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو