شاخ جون ڊاهيل موريون ٻيهر تعمير نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

شاخ جون ڊاهيل موريون ٻيهر تعمير نه ٿيڻ خلاف ڌرڻو

سڪرنڊ(رپورٽ راج ڪماراوڏ) سڪرنڊ شھر جي وچ مان گذرندڙ خوبصورت شھباز شاخ تان هڪ سال اڳ حددخليون ڄاڻائي موريون ڊاهيون ويون هيون ۽ انهن مورين جي ٻيهر تعمير جا بار با واعده ڪرڻ باوجود موريون نه ٺاهڻ خلاف شاخ جي ويجهو قائم اصغر ڪالوني، لطيف ڪالوني، مھڙ ڪالوني، عباس پيراڊائيز ۽ سڪرنڊ ٽائون جي سوين رهواسين نوجوان فلاحي فورم جي اڳواڻن شھباز شاخ جي ڪپ تي نوابشاھ حيدرآباد روڊ تي ڌرڻو هڻي سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته هڪ سال اڳ ۾ شھباز شاخ تان انڪروچمنٽ ڄاڻائي سڀ موريون ڊاهيون ويون جنهن سان اچ وڃ ۾ سخت تڪليف ٿي رهي آھي ۽ ڪالونين جا رهواسي ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ ڪري هڪ پاسي کان ٻئي پاسي پهچن ٿا، هنن هتان جي چونڊيل نمائيندن کي ميار ڏيندي چيو ته دنيا ۾ شھرن مان گذرندڙ شاخن کي خوبصورت بنايو ويندو آھي پر هتي وري ان جي ابتڙ موريون ئي ڊاهي شھرين ۽ پنهنجي ووٽرن کي آزار ۾ وڌو ويو آھي جنهن سان شاگردن ۽ نياڻين سميت بيمار ماڻھن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي ٿو هنن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ رڪشا شاخ ۾ ڪري پيو ۽ غريب جو وڏو نقصان ٿيو ۽ هڪ ماڻھو کي اٽيڪ ٿي پيو جنهن ڪري اسپتال سامهون هجڻ باوجود موري نه هجڻ ڪري ڏيڍ ڪلوميٽر ٻاهران فري اچڻ جي ڪري اهو وفات ڪري ويو هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد موريون ٺاهيون وڃن ٻي صورت ۾ سخت احتجاج جاري رکيو ويندو

:

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو