سڱاوتي تڪرار ٽن عورتن سميت 7 ڄڻا قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

سڱاوتي تڪرار ٽن عورتن سميت 7 ڄڻا قتل، قومي شاهراهه تي ڌرڻو

مٽياري )رياض چانڊيو ( کنڊو اسٽاپ لڳ ڳوٺ امين لاکو ۾ سڱاوتي تڪرار تان بروهي برادري جي هٿياربندن رند برادري جي گهرن تي حملو ڪري ننڍ ستل ڀاتين تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. فائرنگ سبب رند برادري جي 3 عورتن سميت 7 ماڻهو قتل ٿي ويا. قتل ٿيلن ۾ مرزا رند ، مجنو رند ، خادم رند . شڪيلا رند . مسمات جادو . مسمات گلابي ۽ مسمات ثمرين شامل آهن. تڪرار سبب علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي واقعي جو اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ پهتي ۽ زخمين ۽ فوتين کي هالا اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو پڻ واقعي واري هنڌ پهچي واقعي جا تفصيل معلوم ڪيا. هوڏانهن رند برادري جي ماڻهن ڀٽ شاه موري وٽ قومي شاهراھ تي لاش رکي قومي شاهراهه بلاڪ ڪري ڇڏي.

مظاهرين جو چوڻ هو ته جيستائين حمله آور گرفتار نه ٿيندا تيستائين روڊ نه کوليو ويندو قومي شاهراه ٻه ڪلاڪ بند رهڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون جنهن بعد ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو مظاهرين سان مذاڪرات ڪري قاتلن جي گرفتاري جو يقين ڏياري روڊ کولرائي ڇڏيو. ايس ايس پي مٽياري جو چوڻ هو ته ملزمن جي گرفتاري لاء ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ شڪ جي بنياد تي 8 ملزمن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته  ملزمن کي هر صورت گرفتار ڪيو ويندو.  هوڏانهن ڊي آئي جي حيدرآباد فوتين جي وارثن جي مطالبي تي ايس ايڇ او سالاريو کي معطل ڪندي اسرار رند لاشاري نئون ايس ايڇ او سالاريو مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايس پي مٽياري موجب فائرنگ جو واقعو پسند جي شادي تان پيش آيو جنهن ۾ بروهي برادري جي هٿياربندن رند برادري جي گهرن ۾ گهڙي ننڊ ستل گهر ڀاتين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ 3 عورتن ۽ ٽن سڳن ڀائرن سميت 7 ماڻهو مارجي ويا آهن جڏهن ته مقتولن جي وارث امير بخش رند جو چوڻ هو ته ٻه سال اڳ منهنجي ڀائٽيي بروهي برادري جي ڇوڪري سان پسند جي شادي ڪئي هئي، شادي کان پوء ڪورٽ سڳوري ڇوڪري کي پهريان دارالامان ۽ پوءِ نوجوان سان گڏ رهڻ جي اجازت ڏني هئي جنهن تي بروهي برادري جي سردار جرڳو ڪري اسان جي خاندان تي 10 لک ڏنڍ لڳايو هو جيڪو اسان ادا به ڪيو هو ڏنڊ جي رقم وصول ڪرڻ باوجود بروهي برادري جي ماڻهن اسان جي گهرن تي حملو ڪري وڏو ظلم ڪيو آهي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو