نئون ديرو(شاد محمود ڀٽو) ڳوٺ واڌل ککراڻي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي چڙهائي ڪري پنهنجي نوجوان ڀيڻيوي 17 ورهين جي طاهر پٽ فريد ککراڻي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس پهچي مقتول نوجوان جو لاش کڻائي نئون ديرو اسپتال آندو جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو. مقتول طاهر ککراڻي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو پئجي ويو. مقتول جي ڀاءُ نديم ککراڻي جو چوڻ هو ته جوابدار اسان جا سوٽ آهن جن سان ڏي وٺ جي بنياد تي رشتو ٿيل هو. مقتول ڀاءُ طاهر جوابدارن جي ڀيڻ سان پرڻيل هو جڏهن ته عيوضي ۾ ڏنل ڀيڻ جي عمر ننڍي هئڻ ڪري جوابدار ڌر سان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي جنهن جو فيصلو به ٿيو هو جيڪو اسان جي حق ۾ آيو جنهن تان جوابدارن ڏاڍ مڙسي ڪري گهر تي حملو ڪري ڀاءُ طاهر کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي. هن پوليس جي اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته ڀاءُ جي بينگاهه خون سان انصاف ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ هو ته 5 جوابدارن منظور، خادم، صابر، سجاد ۽ ماڻڪ ککراڻي سڱاوتي مامري تان پنهنجي ڀيڻيوي کي قتل ڪيو جنهن مان اسان ٻن جوابدارن ماڻڪ ۽ خادم ککراڻي کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته باقي جوابدار گهر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي ڪري رهيا آهيون.










