سگهڙ ڪچهري جو مقصد محبتن جو ٻج پوکڻ آهي؛ مقرر

سگهڙ ڪچهري جو مقصد محبتن جو ٻج پوکڻ آهي؛ مقرر

گهوٽڪي (سليم فضل ڪلهوڙو) کڏواري ۾ سگهڙن جي ڪچهري سنڌ جا ناميارا سگهڙ شريڪ، باک ڦٽيءَ تائين ڏور جي بيتن ۽ ڳجهارتن جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ جڳ مشهور سگهڙن سرحد جي سگهڙ ڀورل پتافي، لاڙڪاڻو جي سگهڙ بشير ڏيٿو ۽ ڏوڪري جي سگهڙ علي گوهر خاصخيلي سُر ڪيڏارو، مارئي، سُر يمن ڪلياڻ سميت پنهنجون رچنائون، بيت توڙي ڳجهارتن جو سلسلو شروع ڪيو جيڪو باک ڦُٽيءَ تائين جاري رهيو جنهن ۾ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت گهوٽڪي جي ميمبرن منظور احمد گهوٽو، غلام سرور ڪلهوڙو، گل حسن سنڌي،  فضل حسين ڪلهوڙو ۽ ربڏنو ڪلهوڙو پڻ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شريڪ ادبي سنگت جي اڳواڻن ۽ پروگرام منعقد ڪرائيندڙ ربڏنو ڪلهوڙو سنڌيار سان ڳالهائيندي چيو ته سگهڙ ڪچهري جو مقصد آهي ته نفرتن جي بازار ۾ محبتن جو ٻج پوکڻ جنهن ۾ اسين ڪجھ حد تائين ڪامياب پڻ وياسين جنهن جا پاڻ ۾ ذاتي رنج رسامان هئا اهي پڻ هڪ هنڌ گڏ ٿيا جيڪو سٺو عمل آهي هنن چيو ته خاص ڪري سگهڙن جي بيت جا ٻو” پيار جي پرچار ڪريو، ڦِٽو نفرت لٽ مار ڪريو” انتهائي سٺا هئا جنهن تي 2 سڳا ڀائر روئي پيا ۽ سمورا ويڇا وساري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ۽ ايندڙ وقت ۾ هڪٻئي سان محبت جو وچن ڪندي چيو ته ڪڏهن به ناراض نه ٿينداسين. جڏهن ته سگهڙن جو پڻ اهو چوڻ هو ته هتي پهريون ڀيرو محسوس ٿيو آهي ته ڪنهن دل سان اسان جي ورچار ٻُڌي ۽ ان تي عمل ڪيو آهي. هنن جو اهو پڻ چوڻ هو ته شاعر، اديب، دانشور، اداڪار ۽ اسين سگهڙ سڀ محبتن جا سفير آهيون ۽ اسان جي امن پيار جي پرچار هميشه جاري رهندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو