سگهڙ محمد مٺل جهتيال بيمار‏، مدد جي اپيل

سگهڙ محمد مٺل جهتيال بيمار‏، مدد جي اپيل

باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو )باڊھ ڀرسان ڳوٺ گاجي جهتيال واسي سنڌ جو مشھور ناليوارو سگهڙ 6 ڪتابن جو ليکڪ 100 کان مٿي ايوارڊ کڻندڙ بيمار سگهڙ محمد مٺل جهتيال ڪيترن ئي بيمارين ۾ مبتلا ٿي ويو،ٽن ڏينهن کان مسلسل لاڙڪاڻي جي نجي اسپتال ۾ بيماري جي بستري تي داخل آھي،بيمار سگهڙ جي طبيعت ۾ سڌارو نه اچي سگهيو،ثقافت کاتي پاران پنهنجي بيمار سگهڙ جي سار نه لڌي موهن جو دڙو محمد مٺل جهتيال بلڊ پريشر جيري جي خرابي سيني ۾تڪليف شگر گڙدن جي بيماري سميت هو ڪيترن ئي بيمارين ۾مبتلا ٿي اسپتال ۾داخل آھي پر ثقافت کاتي پاران اسپتال ۾داخل بيمار سگهڙ جي علاج ڪرائڻ جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي موهن جو دڙو بابا سائين سڄي زندگي پنهنجي سگهڙائپ ۾گذاري آھي پر اڄ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هو اسپتال ۾داخل آھي پر ثقافت کاتو هن وقت تائين ڪو به علاج ڪرائڻ جو نوٽيس نه ورتو نه ئي ڪا سار لڌي آھي نه ئي ثقافت کاتي طرفان ڪو به رابطو نه ڪيو ويو آهي نجي اسپتال ۾ان جي بيماري تي لکين روپيا خرچ آيو آهي اسان پنهنجي وس آهر بابا جي علاج تي خرچ ڪيو آهي پر ھاڻي ايترا پئسا ناهن جو بابا جو وڌيڪ علاج تي خرچ ڪري سگهو ثقافت کاتي جو صوبائي وزير سيد سردار شاھ سيڪريٽري ثقافت ۽ضلعي انتظاميا نوٽيس وٺي بابا جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائي بيمار سگهڙ جي زندگي بچائي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو