ڪراچي(پريس ريليز)سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن طرفان سنڌ جي سماجي شخصيت، قانوندان ۽ سگا جي تاحيات ميمبر محترمه نورناز آغا جي انتقال ۽ انهيءَ کان علاوهه سگا جي اڳواڻ ڊاڪٽر مشتاق ڦل جي گهر واريءَ جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي. سگا جي قيادت محترمه مهتاب اڪبر راشدي چيئر پرسن، علي حسين بروهي وائيس چيئرپرسن، ولي محمد روشن سيڪريٽري جنرل، تاج محمد وساڻ ڊپٽي سيڪريٽري جنرل، نور محمد سيال سيڪريٽري ماليات، عبداللطيف ڪرٽيو سيڪريٽري اطلاعات، ارباب خالد محمود سيڪريٽري صحت، پيرل خان کوسو سيڪريٽري تعليم، شهاب الدين شاهاڻي سيڪريٽري ثقافت، محترمه صبيحه شبنم سيڪريٽري عورتن جي ترقي ۽ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، پروفيسر محمد سليم ميمڻ، سيد علي رضا شاهه، منظور حسين اڄڻ، محمد زمان دايو، محمد موسي گولو، نورمحمد سهتو، گلزار علي ڪلهوڙو، وزير حسين فرهاد سولنگي، محمد اشرف خادم، راز علي گل ڀٽو، عبدالغفار صديقي، عبدالحميد بلو، امير احمد جوڻيجو، محترمه عروسه کٽي، محترمه بشرا بسمه شاهه سميت سگا جي سموري قيادت ۽ رضاڪارن طرفان طرفان سندن وڇوڙي کي سنڌ جي سماج ۽ سگا جو هڪ وڏو نقصان قرار ڏنو آهي. سگا جي قيادت طرفان مرحومن جي خاندانن سان تعزيت ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته، هن ڏک جي گهڙي ۾ سندن پوئنرن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ مرحومين جي مغفرت لاءِ دعاڳو آهيون.










