سکر (امداد علي ڪلوڙ) سکر ليبر ڪالوني جي آئسوليشن وارڊ ۾ڪورونا وائرس جي مريضن جو تعداد 134 ٿي ويو، تفتان بارڊر کان وڌيڪ 685 زائرين سکر منتقل ڪيو پيو وڃي. ليبر ڪالوني ۾ منتقل ڪيل 293 زائرين مان 234 زائرين جي اسڪريننگ ٽيسٽ مڪمل ڪئي وئي آهي. جنهن کان پوءِ 234 کان 134 ماڻهن کي ڪورونا وائرس هئڻ جي تصديق پڻ ٿي آهي، جن جو علاج پڻ شروع ڪيو ويو آهي. ڪورونا وائرس جا وڌيڪ ڪيس ظاهر ٿيڻ کانپوءِ آئسوليشن سينٽر ۾ انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن ۽ زائرين جا بلاڪ جوڙي انهن کي منتقل پڻ ڪيو ويو آهي. هوڏانهن ڊي سي سکر رانا عديل موجب تفتان بارڊر تي رڪيل وڌيڪ 685 زائرين کي اڄ سکر منتقل ڪرڻ جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سينٽر ۾ مجموعي طور تي 950 ماڻهن جي رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي. جيڪي ماڻهو منتقل ڪيا ويندا، انهن کي 14 ڏينهن تائين نگراني هيٺ رکيو ويندو. جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران سکر ليبر ڪالوني جي آئسوليشن وارڊ کي ايمرجنسي اسپتال بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.










