سکر ۾ هڪ قتل، هڪ فل فراءِ ۽ بيٺل گاڏي کي باهه

سکر ۾ هڪ قتل، هڪ فل فراءِ ۽ بيٺل گاڏي کي باهه

سکر (بيورو رپورٽ)بچل شاھ مياڻي ويجھو ڳوٺ الله وڌايو خروس ۾ پراڻي تڪرار تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان سڌير احمد خروس کي قتل ڪري ڇڏيو. فائرنگ ۾ حاڪم، شمن، جاويد خروس زخمي ٿي پيا. فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن موجب برادري جي ماڻھن سان پراڻو تڪرار ھلندڙ آھي، ڪچي مان ڏوھاري اچي گھرن تي حملو ڪري فائرنگ ڪئي. متاثر ڌر الزام مڙهيو آهي ته ھٿياربندن ھڪ ڄڻي کي قتل، ٽن کي زخمي ڪرڻ بعد 20 مينھون ڪاھي فرار ٿي ويا آھن. سکر پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود پوليس نه پهتي جنهن سبب هٿياربند فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. فائرنگ ۾ فوتي ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.***پنو عاقل ڀرسان بائيجي پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ نوجوان کي فل فراءِ ڪري ڇڏيو، ايس ايس پي عرفان سمون چيو آهي ته مارجي ويل جوابدار وٽان ڪلاشنڪوف هٿ ڪئي وئي آهي. بائيجي پوليس موجب پنو عاقل لنڪ روڊ تي ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا. مارجي ويل جوابدار جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي عرفان سمون جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشنڪوف ۽ مئگزين هٿ ڪئي وئي آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته نوجوان جي سڃاڻپ سکر جي بچل شاهه مياڻي واسي نبن عرف نبي بخش خروس طور ٿي آهي، مارجي ويل نوجوان جي وارثن جو الزام هنيو آهي ته اسان جو برادري جي ماڻهن سان تڪرار هلندڙ آهي، مخالفن پوليس سان ملي  نبي بخش کي قتل ڪيو آهي.***بيٺل گاڏي کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي، فائر برگيڊ عملي پهچي گاڏي کي لڳل باهه تي ضابطو آڻي ورتو، واقعي سبب علائقي ۾ خوف جي صورتحال، فائربرگيڊ عملي چيو آهي ته منزل گاهه ڀرسان بيٺل گاڏي کي هلندڙ جنريٽر ۾ تيل ڀرڻ سبب باهه لڳي، خوشقسمتي سان ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو