سکر (امداد علي ڪلوڙ) ڊپٽي ڪمشنر سکر رانا عديل تصور چيو آهي ته پوليو مهم دوران ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ان سلسلي ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي هرگز برداشت نه ڪئي ويندي ،اهڙن خيالن جو اظهار هن پوليو مهم جو جائزو وٺڻ جي سلسلي ۾ ڪوٺايل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته پوليو مهم دوران ڪمزور يونين ڪائونسلز ۾ ٽيمن جو انگ وڌائي ڪارڪردگي بهتربڻائي وڃي ۽ پنوعاقل مان اضافي ليڊي هيلٿ ورڪز کي ٻين يونين ڪائونسلن ۾ موڪليو وڃي ته جئين ڪارڪردگي بهتر ٿي سگهي. ڊي سي سکر هدايت ڪئي ته لوڪل گورنمينٽ، تعليم ۽ پوليس کاتي جا عملدار پوليو مهم دوران هر يونين ڪائونسل ۾ پنهنجي موجودگي يقيني بڻائين. هن صحت کاتي جي آفيسرن تي زور ڀريو ته اي پي آءِ جي ڊسٽرڪٽ ايڪشن پلان کي مرحليوار چيڪ ڪيو وڃي. ۽ رهجي ويل ٻارڙن کي هر حال ۾ پوليو جا ڦڙا پيئاريا وڃن ته جيئن ڊي پي سي آر جي ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي. هن وڌيڪ چيو ته پوليو مهم دوران غلط انگ اکر ڏيندڙ يو سي ايم اوز ۽ سپروائيزرز خلاف سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. ان کان اڳ ڊي ايڇ او سکر منير احمد مڱريو اجلاس ۾ تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ضلعي ۾ 3 لک 29 هزار 8 سئو 31 ٻارڙن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦُڙا پيئارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي هن مهم ۾ 102 ويڪسينيٽرز ۽ 624 ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ ٻيو عملو توڙي آفيسر پڻ حصو وٺندو. اجلاس دبليو ايڇ او، اين جي اوز ۽ صحت کاتي جي آفيسرن شرڪت ڪئي
خالد مقبول ايم ڪيو ايم پاڪستان جو چيئرمين چونڊجي ويو
پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ لاٿ جو امڪان
مٽي جي ذخيرن جي نمونن ۾ شيشي جهڙو مواد مواد دريافت
عمر ڪوٽ جو دورو، صحافين سان تعلقات وڌيڪ بھتر بنائڻ آهي
سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي، مفت بجلي لاءِ قدم کڻون پيا
12 مئي تي آمر تعصب جي باهه ڀڙڪائي ۽ ڪراچي کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو
بجيٽ ۾ رعايتون مرحليوار ختم ڪرڻ جي تجويز
اسان کي 12 مئي جهڙن سانحن مان سبق سکڻ جي ضرورت آهي :بلاول ڀٽو
آزاد ڪشمير صورتحال تي ڳڻتي، ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪبو
معاشي استحڪام لاءِ ادارن جي نجڪاري ضروري آهي
اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جا حملا، 7 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد
لاهور ۾ اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث 4 دهشتگرد مارجي ويا
افغانستان ۾ برساتن ۾ فوتين جو انگ 300 ٿي ويو،سوين گم
سموري دنيا ۾ اڄ مائرن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي
آزاد ڪشمير ۾ مهانگي بجلي خلاف احتجاج، وڳوڙ، ڪيترائي زخمي
اسٽريٽ ڪرائم مزاحمتن تي قتلن ۾ اضافو ٿيو: آءِ جي سنڌ
صدر جو آزاد ڪشمير جي صورتحال تي هنگامي اجلاس طلب
آزاد ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ سبب انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل
بلوچستان تي قبضو ڪندڙ هوش ڪن، امير جماعت اسلامي
انٽر ميڊيئيٽ جي سالياني امتحانن جو اعلان