سکر ۽ گهوٽڪي پوليس پاران 2 مغوي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ

ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر ۽ گهوٽڪي پوليس ڌار ڌار ڪيل دعوائن ۾ ڄاڻايو آهي ته هنن اغوا ٿيل 2 مغوي آزاد ڪرايا آهن. سکر مان جئيرام داس موجب ڪشمور جي ڪچي واري علائقي ۾ سکر پوليس ڪارروائي ڪري هڪ هفتو اڳ سکر مان اغوا ٿيل علي گوهر عرف خيرمحمد ڍيهو کي بازياب ڪرايو. ايس ايس پي موجب ٻه هفتا اڳ سکر جي سائيٽ ايريا واري علائقي مان تيغاڻي ٽولي پاران اغوا ڪيل نوجوان کي بازياب ڪرايو ويو.****خانپورمهر مان آفتاب سيال موجب عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل بلاول مهر کي پوليس پاران مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوي ڀنگ ڀري بازياب ٿيو آهي

Photo Sindhyar

.2 مهينا اڳ خانپورمهر ويجهو ڳوٺ ڇتن مهر واسي عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل پورهيت بلاول مهر کي ڪچو ٻنڊي پوليس مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي پي آر او پاران جاري ڪيل بيان موجب ته ڪچو ٻنڊي پوليس ڪچي واري علائقي ۾ بلاول مهر کي ڌاڙيلن سان مقابلي بعد بازياب ڪرايو آهي، رات دير سان ڪچو ٻنڊي ون پوليس ايس ايڇ او علي بيگ بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ گشت دوران ڳجهو اطلاع مليو ته ڌاڙيل مغوي کي تلائي مير بحر پتن واري علائقي کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته مقابلو ٿيو،جنهن دوران ڌاڙيل مغوي کي ڇڏي فرار ٿي ويا، پوليس موجب بازياب ڪرايل بلاول مهر کي ڪچو ٻنڊي ٿاڻي تي آندو ويو، اغوا ٿيل پورهيت بلاول مهر بازيابي لاءِ ڌاڙيلن وارثن کان 20 لک ڀنگ به گهريو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو