سکر (بيورو رپورٽ) سکر ايئرپورٽ روڊ تي تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر حادثي جي نتيجي ۾ نوجوان حامله عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس مڙس سخت زخمي ٿي پيو۔آباد ٿاڻي پوليس پوليس موجب حادثو تڏهن پيش آيو، جڏهن ملٽري روڊ جو رهواسي عامر مهر پنهنجي گهرواري سان گڏ گهر وڃي رهيو هو ته اوچتو سامهون کان ايندڙ تيز رفتار ڪار موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو ۔حادثي ۾ نوجوان عورت موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته عامر مهر کي سخت زخمي حالت ۾ ويجهو نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو۔ فوتي عورت جي لاش کي ضروري ڪارروائي کان پوءِ پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔پوليس فوري ڪارروائي ڪندي حادثي ۾ ملوث چئني جوابدارن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔ واقعي کان پوءِ علائقي ۾ سوڳوار ماحول ڇانئجي ويو، جڏهن ته شهرين تيز رفتاري تي ضابطو آڻڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔فوتڻ گورنمينٽ گرلز ھائير سيڪنڊري اسڪول بئراج ڪالوني ۾ جي اي ايس ٽي ھئي سب انسپيڪٽر سنڌ پوليس مقصود احمد مھر جي ڌيءَ ۽ اڳوڻي ريٽائرڊ ڊي ايس پي حاجي مسعود رسول مهر جي ڀائيٽي هئي،










