سکر(ن س)سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ سکر حيدرآباد موٽر وي تي ڪم شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) جي عملدارن عدالت کي يقين ڏياريو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي 30 جون کان ڪم شروع ڪري ڇڏيندو.ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ سکر-حيدرآباد موٽر وي جي تعمير ۾ دير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. اين ايڇ اي عملدارن عدالت کي ٻڌايو ته سکر-حيدرآباد موٽر وي جي تعمير لاءِ گهربل رقم ملي وئي آهي،سنڌ حڪومت ۽ ڊونرز به رقم ادا ڪئي.اين ايڇ اي عملدارن جو چوڻ آهي ته نوشهروفيروز کانسواءِ ٻين هنڌن تي موٽر وي جو ڪم 30 جون کان شروع ڪيو ويندو، ڇاڪاڻ ته نوشهروفيروز ۾ زمين جي خريداري واري معاملي تي ڪرپشن جي انڪوائري هلي رهي آهي.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 11 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










