سکر(جئيرام بختيارپوري) انٽرميڊيٽ سکر بورڊ پاران سالياني امتحان جو نتيجو پڌرو ڪيو ويو آهي. جنهن موجب میڊیڪل ۾ ٽئي پوزیشن شاگردياڻین ماڻیون ۽ انجینیرنگ ۾ ڇوڪرا گوءِ کڻي ويا آهن. ميديڪل ۾ ترتيبوارشگفتا خلجي پیرڳوٺ 962 ،عائیشا امن پنو عاقل 958 ۽ عاصما خیرپور 957 مارڪون حاصل ڪيون. انجنيئرنگ ۾ حمزا اسد سکر 969 ، فراز احمد گمبٽ 953 ۽ نظام علي خیرپور 952 مارڪون حاصل ڪيون.










