سکر (جئيرام داس )سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ نارا ڪئنال، خيرپور ايسٽ ڪئنال، خيرپور ويسٽ ڪئنال، روهڙي ڪئنال، کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال جي سالياني صفائي ۽ بئراج جي مرمت لاءِ آبپاشي کاتي سکر پاران وارا بندي شروع ڪئي وئي آهي. وارا بندي 20 جنوري تائين جاري رهندي. هر سال جنوري ۾ سکر بئراج جي ضروري صفائي مرمت لاءِ ڪئنالن جا گيٽ بند ڪري بئراج جي پاڻي کي ڪوٽڙي طرف ڇوڙ ڪيو ويندو آهي. 20 جنوري تائين بئراج جي صفائي ۽ مرمتي ڪم جاري رھندو ، سکر بئراج ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن جي سالياني صفائي ۽ مرمت شروع ٿيڻ سبب سکر، روهڙي سميت مختلف شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آهي. آبپاشي کاتي جي انتظاميا پاران سکر ۽ روهڙي جي انتظاميا کي پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان آگاهه ڪرڻ باوجود انتظاميا ڪي به اپاءُ ناهن ورتا، سکر جي پراڻو سکر، رائل روڊ، نئون پنڊ، نئون ڳوٺ، قريشي ڳوٺ سميت مختلف علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو آهي۔










