راڻيپور ( رپورٽر )ڪراچي کان سکر ويندڙ سکر ايڪسپريس جي راڻيپور ۾ انجڻ فيل ٿي وئي ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت راڻيپور ريلوي اسٽيشن تي مسافرن سان ڀريل ٽرين سکر ايڪسپريس بيٺل رهي، ريلوي اسٽيشن راڻيپور تي ٿڌو پاڻي ۽ ٻيون سهولتون موجود نه هجڻ ڪري مسافر سخت پريشان ٿي ويا معصوم ٻارڙا، عورتون گرمي سبب سخت پريشان رهيا ،ان موقعي تي ريلوي اسٽيشن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته ڪراچي کان سکر ويندڙ سکر ايڪسپريس جي اوچتو انجڻ فيل ٿي وئي آھي ، ٽيڪنشن عملو ٽرين کي چالو ڪرڻ واري ڪم مصروف آھي، جلد انجڻ بحال ڪري مسافرن کي روانو ڪنداسين جڏهن سول سوسائٽي ريلوي اسٽيشن راڻيپور جي صدر قلندر بخش ڄامڙو ، سنڌ پريس ڪلب راڻيپور جي صدر گلڻ ڄامڙو ، بيئريسٽر ظھير الحسن ڄامڙو ، ظفر چوهاڻ ريلوي اسٽيشن جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ريلوي اسٽيش راڻيپور انتظاميا ريلوي اسٽيشن تان ٿڌي پاڻي جو اليڪٽرانڪ واٽر ڪولر، چانه جو اسٽال ، ۽ کاڌي پيتي جون ٻيون سهولتون ختم ڪري ڇڏيون آھن جنهن ڪري ريلوي اسٽيشن تي مسافرن لاء ڪائي به سهولت موجود ناهي رهي اسان پي ايس 30 جي چونڊيل نمائيندن ۽ وفاقي ادارن کان مطالبو ٿا ڪيون ته ريلوي اسٽشين راڻيپور کي ٿڌي پاڻي لاء اليڪٽرانڪ واٽر ڪولر پبلڪ پارڪ ۽ ٻيون ضروري سهولتون ڏنيون وڃن










