سڌو موسيوالا جي قتل جي ماسٽر مائينڊ گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي

سڌو موسيوالا جي قتل جي ماسٽر مائينڊ گرفتاري جي ترديد ڪري ڇڏي

ممبئي(ويب ڊيسڪ)سچو ميسيوالا جي قتل جي ماسٽر مائينڊ گولڊي برار هڪ مبينا آڊيو انٽرويو ذريعي کيس حراست ۾ وٺڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جي وڏي وزير ڀگونت مان ڪيليفورنيا ۾ مشهور ڳائڻي سچو موسيوالا جي قتل جي ماسٽر مائينڊ گولڊي برار جي گرفتاري جي تصديق ڪئي هئي.جڏهن ته هاڻي ڪيس ۾ نئون موڙ اچي ويو آهي، وڏي وزير جي بيان کانپوءِ هڪ مبينا آڊيو انٽرويو آن لائن منظر عام تي آيو آهي، جنهن ۾ قاتل گولڊي برار جو چوڻ آهي ته کيس نه حراست ۾ ورتو ويو ۽ نه ئي هو آمريڪا ۾ هو. ڀارتي ميڊيا موجب آڊيو ۾ هڪ شخص کي پاڻ کي گولڊي برار سڏيندي به ٻڌي سگهجي ٿو ۽ پنجاب جي وڏي وزير جي دعوائن جي ترديد ڪندي به ٻڌي سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو