لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي مشهور گلوڪار ۽ اداڪار فرحان سعيد ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان نه اچڻ واري فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي.هڪ خانگي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي گلوڪاره چيو ته جيڪڏهن ڀارت ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان نه ايندو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي گهرجي ته ورلڊ ڪپ دوران پاڪستان سپر ليگ منعقد ڪرائي ۽ سمورا پاڪستاني اهي ميچون ڏسن ۽ ورلڊ ڪپ جو بائيڪاٽ ڪن. “فرحان سعيد چيو ته اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪافي عرصي کان ٿي رهيون آهن، پاڪستان کي ان جو سخت جواب ڏيڻ گهرجي، ڪنهن کان به ڊڄڻ نه گهرجي.هن چيو ته جيڪڏهن ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ نمبر ون ۽ نمبر 3 بيٽسمين نه هوندو ته پوءِ ورلڊ ڪپ تمام سوڳوار ٿيندو، ڀارت کي سوچڻ گهرجي ته اسان هاڻي اهڙي حالت ۾ نه رهيا آهيون جتي اسان ورلڊ ڪپ ۾ هميشه هاري وينداسين. هاڻي اسان کي انهن کي جواب ڏيڻ گهرجي.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل جي صدر ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري جئي شاهه اعلان ڪيو هو ته ڀارتي ٽيم 2023ع جي ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان نه ويندي.










