ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ پاسپورٽ آفيسن جي سسٽم ۾ فني خرابي سبب هزارين شهرين کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.ذريعن موجب نادرا جي پاسپورٽ آفيسن سان ڳنڍيل سسٽم ۾ فني خرابي هئي.ذريعن موجب پاسپورٽ درخواست ڏيندڙن جو ڊيٽا فني خرابي سبب اپ لوڊ نه ٿي سگهيو. پاسپورٽ لاءِ ايندڙ شهرين کي فوٽوگرافي ۽ بائيو ميٽرڪ ڪرائڻ بعد ڪافي دير انتظار ڪرڻو پيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ جي پاسپورٽ آفيسن ۾ 2 ڪلاڪن کان وڌيڪ ڪم بند رهيو ۽ ٻن ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن سسٽم بحال ٿيو ته ٻيهر داخلا جو ڪم شروع ڪيو ويو.










