سڄي ملڪ ۾ يوم عاشور، ماتم دوران 1فوت ڪيترائي زخمي

ڪراچي (نمائندن وٽان) اسلام جي آخري پيغمبر جناب حضرت محمد رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي ڏوهٽن جي عظيم قرباني جي ياد ۾ اڄ سڄي ملڪ ۾ يومِ عاشور انتهائي احترام ۽ عقيدت سان ملهايو پيو وڃي. ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ جلوس ڪڍيا پيا وڃن جنهن ۾ اظهادار نوحه خاني ۽ سينه زني ڪندي حضرت امام حسين ۽ سندس ساٿين کي عظيم قرباني تي خراج تحسين پيش ڪري رهيا آهن.ڀرياسٽي مان مجيد ڪيريو موجب ڳوٺ علي نواز ڪيريو واسي نوجوان محرم علي پٽ غلام حسين خاصخيلي  گرزن سان ماتم ڪندي زخمي ٿي پيو ، کيس فورن ڀرياسٽي آندو ويو جتي زخمن جا سور نه سھندي هن دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

ڀريا ۾ ماتم دوران فوت ٿيندڙ

هوڏانهن مختلف شهرن ۾ سخت گرمي ۽ زنجيزني سبب ڪيترائي ماڻهو بيهوش ۽ زخمي ٿين جا به اطلاع آهن. ڪراچي ۾ مرڪزي جلوس نشتر پاڪ مان برآمد ٿي امام بارگاهه حسينيه ايرانيا کارا در تي ختم ٿيندو، جڏهن ته حيدرآباد مان مرڪزي جلوس امام بارگاهه قدم گاهه موليٰ علي کان نڪرندو. سکر ۾ عاشورن جي موقعي تي مختلف جاين تان 40 کان مٿي ننڍا جلوس گڏجي ٽي وڏا جلوس بڻبا ۽ ان موقعي تي انتهائي سخت سيڪيورٽي جا اپاءَ ورتا ويا آهن،

ڪنڌڪوٽ ۾ رينجرز ۽ پوليس جي پهري ۾ ماتمي جلوس

عاشورن جي موقعي تي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي مڪمل طور تي ته ڪٿي جزوي طور تي موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ڪئي وئي آهي، ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي آهي. اعليٰ اختيارين مطابق ملڪ جي حساس علائقن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس صبح 6 کان رات 10 تائين بند رهندي.

پهنجو تبصرو موڪليو