اسلام آ باد(بيورو)سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم دفاع وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.اڄ هٿياربند فوج جي ويڙهاڪن ۽ شهيدن کي سلام ۽ خراج تحسين پيش ڪيو پيو وڃي.ڪراچي ۾ مزار قائد تي گارڊز جي تبديلي جي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، ان کان علاوه ٻين شهرن ۾ به تقريبون منعقد ڪيون ويون.پاڪ فضائيه جي 60 مرد ۽ 5 عورت ڪيڊٽس گارڊز جي تبديلي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.تقريب جو مهمان خاص ايئر وائيس مارشل محمد قيصر جنجوعه هو، مهمان خاص مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات قلمبند ڪيا، پريڊ جو معائنو ڪرڻ بعد هن مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.ٻئي طرف ڊي جي رينجرز پنجاب ميجر جنرل سيد آصف حسين يوم دفاع تي مزار اقبال تي حاضري ڏني، هن علامه اقبال جي مزار تي فاتحه خواني ڪئي ۽ مهمانن جي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثرات پڻ لکيا.










